سيسي سنگرس

سيسي سنگرس

سيسي سنگرس

سيسي سنگرس Close-Bared Sandgrouse/ Pterocles Lichtensteinii: هي پٽ تتر جو قسم آهي. 25 سينٽي ميٽر جسامت جي پٿريلي رنگت واري هن ٽاڪرو پٽ تتر کي سڄي بت تي ڪاري رنگ جون ويجهيون ليڪون هونديون آهن. نر ۽ مادي جي رنگن ۾ ڪجهه فرق آهي. نر جو رنگ ڳاڙهسرو هيڊو يا هلڪو سُرخ آهي. پُڇ ڊگهو ۽ نوڪدار اٿس. پيٽ جو وچيون حصو ڪارو، ڳچيءَ ۽ اکين تي سرمائي پٽا، پرن جا پويان حصا ڌاريدار ٿين ٿا. ماديءَ کي پٺن تي، ڇاتيءَ تي ۽ مٿي چوٽيءَ تي ڪارا چٽ ٿين ٿا. نر کي مٿي ۽ ڇاتيءَ تي ميٽوڙي هيڊين ۽ ڪارين پٽين جون آرائشون ليڪون ٿين ٿيون. ماديءَ کي مٿي ۽ پيٽ تي ليڪون ڪونه ٿين. هي پکي سنڌ ۽ بلوچستان کانسواءِ يمن ۽ اتر آفريڪا ۾ به ٿئي ٿو، جيڪي نيم صحرائي علائقا آهن. هن پکيءَ کي پٿريلا علائقا پسند آهن، جتي ٻوڙن کي پناهه گاهه ٺاهي ٿو. اڪثر ٻجن، ٻٻر ۽ ٻين ٻوڙن تي پلجي ٿو. ڏينهن جي گرميءَ وقت ٻوڙن ۾ آرام ڪندو آهي. هي پکي اُڃ اجهائڻ لاءِ روز صبح جو سوير يا سج لهڻ کانپوءِ پاڻيءَ تي اچي ٿو. ان جو آکيرو اڪثر پاڻيءَ جي ذخيري کان 30 ڪلوميٽر پري هوندو آهي. ٻچن لاءِ پاڻي آڻڻ جي ذميواري نر تي هوندي آهي، جيڪو هو پنهنجي پيٽ جي کنڀن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڀري کڻي ايندو آهي. ان جو آکيرو، اگهاڙي فرش تي هلڪي کڏي جهڙو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن شيءِ جو ڀراءَ ڪونه هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو